اسلام ڪيئن پکڙيو

اسلام ڪيئن پکڙيو (ڪتاب): ”نئين زندگي“ رسالي جي باني ايڊيٽر ۽ بزرگ اديب مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جو هيءُ ڪتاب، اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو شبانه سولنگيءَ ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 129 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت 35 رپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 1998ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي آخري وصيت، سندن جانشينن، روم، ايران، عراق ۽ شام ۾ اسلام جي پکيڙ، خلافت جي خاتمي، بادشاهت جي شروعات، اسلام پکيڙيندڙن جي زندگين جي ماڻهن تي اثر کان وٺي آفريڪا، هندستان، ملايا، جاوا، فلپائين، چين، وچ ايشيا کان وٺي آمريڪا، آسٽريليا ۽ جاپان ۾ اسلام جي پکيڙ جو مختصر مگر جامع تذڪرو شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو